
ڪي اين شاه:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)ڪي اين شاهه تعلقي جي حد ڪولاچي موري ڀرسان ڳوٺ علي بخش کوسو ۾ کوسا برادري برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪبوتر پڪڙڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ سبب 25 ورھين جو نوجوان حمير خان ولد محمد حسن کوسو مارجي ويو، جڏھن ته فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جا ڀاڻج ٻه ڀائر عمران ۽ عرفان کوسو به سخت زخمي ٿي پيا آھن، جڏھن ته قتل ٿيل نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو ۽ زخمين کي خيرپور ناٿن شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوتي نوجوان جي والد محمد حسن کوسو احتجاج ڪندي دانھيو ۽ الزام ھڻندي چيو ته ڪبوترن جي معمولي ڳالھه تان جوابدارن علي، حسن، حسين کوسو ۽ ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنھن سبب منھنجو پٽ حمير کي قتل ڪري منھنجن ٻن ڏھٽن عمران ۽ عرفان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن، ھن چيو ته ظالمن مونسان ظلم ڪيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن ايس ايچ او بي سيڪشن ميھڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ڪي اين شاه تعلقي جي حد ۾ ٿيو آھي، جھيڙي ۾ ھڪ ڄڻو قتل ٿيو آھي جنھن جو لاش ميھڙ اسپتال آندو ويو آھي ۽ زخمين کي ڪي اين شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته واقعو ڪي اين شاهه ٿاڻي جي حد ۾ ھجڻ ڪري ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي، ھوڏانھن فوتي نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ بعد ڪي اين شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو، فوتي نوجوان کي ٽن ٻارڙن جو اولاد آھي، نوجوان جي قتل جو اطلاع ملندي ئي نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language