رحیم یار خان:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)رحيم يار خان ۾ پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ پنج پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، رحيم يار خان ۾ شيخاني پوليس پوسٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو، جنهن ۾ پنج پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا.
پوليس ترجمان چيو ته فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو.
پوليس موجب، شهيد ٿيل آفيسرن ۾ محمد عرفان، محمد سليم ۽ محمد خليل، ڪانسٽيبل نخيل، غضنفر عباس شامل آهن.
پوليس ترجمان چيو ته شهيد ٿيل آفيسرن مان ٻن جو تعلق رحيم يار خان جڏهن ته ٽن جو تعلق بهاولنگر سان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language