welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سجاول لڳ رستو نه هئڻ سبب عورت جو جنازو پاڻي مان گذاريو ويو

سجاول:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)سجاول لڳ ڳوٺ ۾ رستو نه ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن فوت ٿي ويل عورت جو جنازو قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ قبرستان جي گس تي بيٺل گوڏي جيڏي پاڻي مان گذاريو. ان ڏس ۾ ضلعي سجاول جي يونين ڪائونسل مراد پور جي ڳوٺ ۾ پڪي رستي جي سهولت نہ هجڻ ڪري ڳوٺاڻن پاران گذريل ڏينھن ڪينسر وگھي فوت ٿي ويل ڳوٺاڻي منٺار ڪڙولائي جي گهر واري جو جنازو قبرستان طرف ويندڙ گس تي بيٺل گوڏي جيڏي پاڻي مان گذاريو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سيد علي رضا شاھه، شاهد شاھه، دودو شاھه، حاميد اوٺار، محمد عمر اوٺار، الهبچايو ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته يونين ڪائونسل مرادپور جي ڳوٺن، ڳوٺ سيد آگيڏنو شاھه، ڳوٺ محمد ملاح، ڳوٺ اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ صديق اوٺار سميت ڪيترائي ڳوٺ جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري، هنن کي عذاب واري زندگي گذارڻ کان نجات ڏياري وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے