welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عدالتي فيصلا رد، جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار: سياسي پارٽين ۾ نئون آئيني معاهدو ٿيڻ گهرجي: اپوزيشن

اسلام آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس کان اڳ ئي هوٽل انتظاميا بڪنگ ڪينسل ڪري ڇڏي، جنهن بعد مصطفيٰ نواز کوکر جي فارم هائوس تي اپوزيشن اتحاد جي اي پي سي ٿي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هڪ ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اپوزيشن ليڊر کي سزا ٻڌائي وئي، اڄ پاڪستان جي جهموري ۽ سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته مقامي هوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي هئي، جنهن کي بعد ۾ رد ڪيو ويو، جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ ڊڪٽيٽر بڻجي ويا آهن، فيصلا عدالتي نظام تي سوال آهن، اهڙن فيصلن کي رد ڪريون ٿا، مذمت به ڪريون ٿا، محمود خان اچڪزئي چيو ته سياسي پارٽين ۾ نئون آئيني معاهدو ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ پرڏيهي پاليسي جو حقيقي محور هجڻ گهرجي، انصاف ملندو ته امن ٿيندو ٻي صورت ۾ گهرن ۽ ڳوٺن تائين فساد ٿيندا، جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس آڏو رنڊڪون پيدا ڪيون، سياسي ڪمزوري غير جمهوري قوتن کي سگهارو ڪندي آهي، اسد قيصر چيو ته 18هين ترميم بعد صوبي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، عدالتي فيصلن سان عوام ۾ ڳڻتي پيدا ٿي رهي آهي، جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته اسان ڪراچي کان هتي آيا آهيون ته ملڪي معاشي ۽ مجموعي حالتن تي گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون، ساجد ترين چيو ته هر سياسي جماعت جو حق آهي ته هو پنهنجا حق حاصل ڪري، اسان جو احتجاج ڪرڻ حق آهي، ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، محمد زبير چيو ته عوام حڪومت سان گڏ ناهي، پي ٽي آءِ دور ۾ ن ليگ کلي ڪري جلسا ۽ ڪانفرنسز ڪيون، علامه ناصر عباس چيو ته ملڪ هڪ ڌٻڻ ۽ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، ڪانفرنس کان روڪڻ غلط حرڪت آهي، زين شاهه چيو ته فيبروري ۾ به روڪيو ويو هو، مرڪز پاران سدائين پيغام ڏنو ويو آهي ته هيڏانهن اچي سياست ڪرڻ تي پابندي آهي، جعلي نظام کي ختم ڪرڻ بعد ئي ملڪ مان انارڪي ختم ٿيندي، اسان کي احتجاج ڪرڻ گهرجي. ظفر علي شاهه چيو ته پارليامينٽ جا فيصلا پرچي نه پر آئين تي ٿيڻ گهرجن، سياستدان آئين کان هٽي نظام کي هلائي رهيا آهن. اي پي سي ۾ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي به شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ، ايم ڊبليو ايم، بي اين پي مينگل، اي اين پي، پي ڊي ايم ، پي ڪي ميپ ، جي ڊي اي ، عوامي جمهوري پارٽي، عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ نظرياتي شيراني گروپ به شرڪت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے