welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊي جان محمد ۾ ميگا فراڊ ڪيس ۾ عورتون به گرفتار ٿيڻ جا اطلاع، ايف آءِ آرز جو انگ 384 ٿي ويو

ميرپورخاص:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)ٽنڊي جان محمد جي ڳوٺ بچل چانڊيو ۾ آن لائن ڪاروباري ڏيتي ليتي ذريعي درجنين ماڻھن سان فراڊ جي الزام هيٺ 9 عورتن سميت 51 ڄڻن خلاف وڌيڪ 166 نوان ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، اھڙيءَ ريت ڄاڻايل گينگ خلاف داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 384 ٿي ويو آھي، جن مان ھن وقت تائين گرفتار ٿيل گينگ جي مُک جوابدارن جو تعداد به 9 ٿي ويو آھي، جن ۾ ولي محمد چانڊيو، علي محمد چانڊيو، بابو ڌانڌل، اشرف چانڊيو، مھتاب چانڊيو، بلال چانڊيو، امجد جروار ۽ ٻيا شامل آھن. ھوڏانھن تازو داخل ڪيل نون ڪيسن ۾ جن عورتن کي شامل ڪيو ويو آھي، انھن ۾ انمول چانڊيو، شبيران ڌانڌل، سياڻي چانڊيو، پَري چانڊيو ۽ آسو چانڊيو شامل آھن. ذريعن موجب ڪجھه عورتن کي پڇا ڳاڇا جي سلسلي ۾ حراست ۾ پڻ ورتو ويو آھي. ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا چيو تھ مٿين جوابدارن تي 2001ع کان وٺي ڪيس داخل ٿيندا رھيا آھن، ھن گروھه جا مُک سرغنا محمد علي چانڊيو، علي محمد چانڊيو ۽ بابو ڌانڌل رھيا آھن، جيڪي شروع شروع ۾ گاڏيون ڦر ڪرڻ جي ڏوھن ۾ ملوث رھيا پر بعد ۾ ھنن فراڊن ذريعي ماڻھن کي ڦرڻ شروع ڪيو ۽ آھستي آھستي ھنن جا ٻار ۽ عورتون به ان ڌنڌي ۾ شامل ٿي ويون. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ ھي ماڻھو آن لائن پليٽ فارمن تي گاڏين، جانورن، زرعي جنسن جي وڪري جا اشتھار ڏين ٿا. جوابدار 50 لک واري گاڏي 30 لک ۾ وڪڻي جعلي ڪاغذ ڏين ٿا ميرپورخاص: ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا ڪيس ۾ نامزد جوابدارن بابت ٻڌايو ته جنھن گاڏيءَ جي قيمت مارڪيٽ ۾ 50 لک آھي، ھي ان جي قيمت 30 لک رکن ٿا، پوءِ جيڪو ماڻھو وٽن خريداريءَ لاءِ اچي ٿو تھ ان کي جعلي ڪاغذ ڏئي، پئسا وصول ڪرڻ بعد ڪنھن گھر ڀاتي کي اوچتو دل جو دورو پوڻ يا نانگ چڪي وڃڻ جو بھانو ڪري، ايمرجنسي جو چئي ان ماڻھو کان اھا ساڳي گاڏي وٺي فرار ٿي وڃن ٿا. فراڊي ٽولو نقلي نوٽ ٺاھي ڏيڻ جي لالچ ڏئي بھ ماڻھن کي ڦريندو رھيو آھي: ايس ايس پي ميرپورخاص ميرپورخاص: ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا چيو ته ھي فراڊي ٽولو نقلي نوٽ ٺاھي ڏيڻ جي لالچ ڏئي بھ ماڻھو کي ڦريندو رھيو آھي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ھن وقت تائين ڄاڻايل گينگ 200 کان وڌيڪ ماڻھن سان فراڊ ڪري چڪي آھي. ھن چيو ته ھڪ ھفتي اندر ھڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم متاثرن کي ڏياري وئي آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے