welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاهور: اسلام آباد ايڪسپريس سان حادثو، ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي پيون، 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي

لاھور:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)لاهور کان راولپنڊي ويندڙ اسلام آباد ايڪسپريس ٽرين ڪالا شاهه ڪاکو ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جون ڪيترين ئي بوگيون پٽڙي تان لهي پيون، جنهن جي نتيجي ۾25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. ريسڪيو موجب، حادثي جو اطلاع مليو جنهن کانپوءِ 6 ايمرجنسي گاڏيون ۽ 25 ريسڪيو اهلڪارن تيزي سان امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، اونداهي سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ابتدائي رپورٽن موجب، اڪثر زخمين کي معمولي خراشون آيون، جن کي موقعي تي فرسٽ ايڊ فراهم ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان پاران حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي ريسڪيو ٽيمز کي هدايت ڪئي، ته زخمين کي ترجيحي بنيادن تي فوري طبي امداد ڏني وڃي، هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وفاقي وزير ريلويز حنيف عباسي حادثي جو نوٽيس وٺندي سي اي او ريلوي ۽ ڊي ايس ريلوي کي فوري طور واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي. هن ريلوي عملي کي امدادي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ طبي ٽيمون جلد موقعي تي پهچائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حادثي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حادثي کانپوءِ لاهور کان راولپنڊي ٽريڪ تي ٽرينن جي آمدرفت عارضي طور بند ڪئي وئي آهي، ريلويز ترجمان موجب، گرين لائن ايڪسپريس سادھوڪي کان رواني ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻين ٽرينن جا روٽ عارضي طور تي تبديل ڪيا ويا آهن. ٽرينون هاڻي وزيرآباد، سانگلاهل، حافظ آباد، ۽ شاهدره رستي لاهور رواني ٿينديون، لاهور مان ريليف ٽرين ۽ ميڊيڪل وين به حادثي واري هنڌ تي موڪلي وئي آهي. حادثي جي جاچ جاري، اعلى عملدار واقعي واري هنڌ تي موجود وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. وزير ريلويز چيو ته حادثي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، ۽ واقعي جا سبب جاچ کان پوءِ سامهون ايندا، سي اي او ريلويز سميت اعلى آفيسر واقعي واري هنڌ تي پهچي ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے