
نوابشاہ:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري، سنڌ ۾ سيلاب سبب گهرن کان محروم ٿيل متاثرن کي ملڪيت جا حق ڏئي ڇڏيا.
شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ اففيڪٽڊ (SPHF) منصوبي تحت ملڪيت جي حقن جي ورهاست جي تقريب ٿي، جتي آصفه ڀٽو متاثر خاندانن کي سندن نون گهرن جا ملڪيت جا دستاويز فراهم ڪيا.
تقريب ۾ خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت پاران 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، جيڪي سيلاب متاثر خاندانن لاءِ نئين اميد بڻجي رهيا آهن، هن زور ڀريو ته هن منصوبي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هر گهر جي زمين خاندان جي عورت جي نالي تي رجسٽرڊ ڪئي ويندي، جيڪو نه رڳو هڪ گهر آهي، پر وقار، اختيار ۽ تحفظ جي علامت به آهي.
هن چيو ته هي قدم نه صرف موجوده متاثرن لاءِ آهي، پر ايندڙ نسلن جي بهتري ۽ عزت ڀري زندگي لاءِ به اهم آهي.
آصفه ڀٽو، منصوبي جي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي محنت، عوامي سوچ ۽ فلاح جي عزم جي واکاڻ ڪندي چيو ته ملڪيت جا حق ڏيڻ بلاول جي قيادت جو نتيجو آهي.
خاتون اول وڌيڪ چيو ته اڄ تائين ڪنهن به صوبي يا سياسي جماعت عوام جي لاءِ اهڙو قدم ناهي کنيو، هن پنهنجي ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو حوالو ڏيندي چيو ته مون هر شهري کي زمين، رهائش ۽ عزت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري عملي طور پورو ڪري رهيو آهي.
آخر ۾ آصفه ڀٽو متاثرن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان محفوظ هوندا ۽ توهان جي ايندڙ نسلون به عزت، امن ۽ وقار سان زندگي گذارينديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language