welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

'يوٽيلٽي اسٽورن مان ڪروڙين ماڻهن فائدو حاصل ڪيو، بندش هزارين خاندانن جي روزگار تي حملو آهي'

ڪراچي:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورن جي اوچتو بندش تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي حڪومت پاران ملڪ بھر ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جي آپريشن بند ڪرڻ جي فيصلي تي شرجيل ميمڻ چيو ته هي ادارو 55 سالن کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سستي بنيادي شيون فراهم ڪري رهيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته 1971 ۾، ذوالفقار علي ڀٽو غريبن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪيا هئا، ۽ يوٽيلٽي اسٽور اتي به خدمتون فراهم ڪري رهيا هئا جتي خانگي شعبي جي رسائي نه هئي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي 3,800 اسٽورن مان هر مهيني لڳ ڀڳ 20 ملين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا هئا، ۽ 12,000 ملازمن جي برطرفي هزارين خاندانن جي روزگار تي حملو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے