ڪوئيٽا:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)بلوچستان ۾ شراب جي وڪري جا انگ اکر پڌرا ڪيا ويا آهن.
بلوچستان ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ موجب، صوبي ۾ 58 ماڻهن وٽ شراب وڪڻڻ جا لائسنس آهن.
ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ چيو ته 2023-24 دوران، 2.8 ملين ليٽر بيئر ۽ چار لک گيلن شراب وڪرو ڪئي وئي، جنهن مان شراب جي وڪري تي لڳل ٽيڪس مان هڪ ارب جي آمدني ٿي.
انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 2023-24 دوران، ڪوئيٽا ۾ 178,867 گيلن شراب ۽ 729,167 ليٽر بيئر وڪرو ڪئي وئي، جڏهن ته حب ۾ 106,400 گيلن شراب ۽ 850,400 ليٽر بيئر وڪرو ڪئي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language