
سکر:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)سکر ڳئون شالا جي درٻار هال ۾ هندو پئنچائت سکر جي ميزباني هيٺ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ڊويزن سميت سنڌ جي هندو پنچائتن جي مکين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، ميهڙ، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڪرمپور، غوثپور، تنگواڻي، گهوٽڪي سميت شهيد بينظيرآباد نوابشاهه ڊويزن جي سانگهڙ، جهول، ٽنڊو آدم، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي هندو پنچائت اڳواڻن توڙي ميمبرن شرڪت ڪئي، بدامني، لاقانونيت، اغوا، ڦرن، ڀتي لاءِ پرچون ملڻ، نياڻين جي زبردستي مذهب جي مٽائڻ، پريا ڪماري جي اغوا سميت سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري جي ٻين سياسي سماجي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو، هندو برادري جي سياسي سماجي ويڳاڻائپ بابت گڏجاڻي ۾ پنچائتن جي مکين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هندو برادري جو اباڻو وطن آهي، اسان کي فخر آهي ته ماضي ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي، سنڌ جي سرزمين تي هندو برادري صدين کان امن امان سان رهندي آئي آهي، پر افسوس جو هاڻي هندو برادري کي جبري مذهب جي تبديلي، اباڻي ڌرتيءَ تان لڏپلاڻ، معصوم هندو نياڻين جي اغوا، بدامنيءَ، لاقانونيت سميت هندو واپارين کان ڦر، ڀنگ وٺڻ ۽ گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ جهڙا سنگين مسئلا درپيش آهن، انهن مسئلن جي حل لاءِ سموري سنڌ جي هندو برادري کي متحد ٿيڻو پوندو. ڪولهي، ڀيل، ميگھواڙ، باگڙي، ماڙيچا اقليتي برادري کي هندو ڀائرن سان ساڻ کڻي هلڻو پوندو، هن وقت هندو برادري کي امن امان جو وڏو مسئلو آهي، سکر کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، سکر، خيرپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو سميت ٻين ضلعن ۾ رهندڙ هندو ڀائرن کي کوڙ انيڪ مسئلا آهن. گڏجاڻيءَ ۾ ميزبان هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال، ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي، مکي هري لال، ڌرم داس راڌڻ، مکي وڪي ڪمار، راجيش ڪمار، ڊاڪٽر مهر چند، مرلي ڌر، مکي انيل ڪمار، نانڪ رام، هريش لال، مکي سريش ڪمار تلريجا، چندر ڀان، جئرام داس ۽ ٻين هڪ سو کان وڌيڪ هندو پنجائت اڳواڻن پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، گڏجاڻيءَ کي صدارتي خطاب ڪندي هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال چيو ته سنڌ هندو پنچائت جي پليٽ فارم تي 10 نقاطي ايجنڊا تي گڏيل جدوجهد سان پنهنجا آئيني، قانوني حق حڪومت کان حاصل ڪري سگهون ٿا. امن امان جي بحالي، خوف جي خاتمي، پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ متحد ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پئسا طلب ڪيا ويا آهن ته اُن جو والد تصديق ڪري ته پنچائتون هڪ نه پر ٻه ڪروڙ رپيا به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي، جيڪڏهن ڀنگ عيوض اُن جي بازيابي عمل ۾ اچي ٿي ته اسان پئسا ڀرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي چيو ته ننڍي عمر جي شاديءَ واري مسئلي جي حل لاءِ اسان کي گهر جو چوڪيدار بڻجڻ گهرجي، موبائيل فون استعمال ڪندڙ ٻارن تي نظر رکي وڃي. ايم اين اي، ايم پي اي کي ڇڏيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو. پنچائتن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد متحد ٿي آواز اُٿارڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ آهي. پنوعاقل جي ڊاڪٽر هري لال چيو ته اسان جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ڪجهه ناهن ڪندا، اسان به پنهنجي ڪاروبار کي ته ٽائيم ڏيندا آهيون پر برادريءَ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڳو تحرڪ ناهيون وٺندا. شهرن ۾ گروپنگ کي ختم ڪري متحد ٿيڻ گهرجي. رتوديرو جي سنيل ڪمار چيو ته اسان سڀ ڪنهن نه ڪنهن ساسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهيون، ڇا اسين پنهنجي پارٽيءَ جي خلاف ڳالهائينداسين يا احتجاج ڪري سگهنداسين. اسان جا ٻار ڪنورٽ ٿين پيا، ان جو سبب هندو ڌرم جي ڄاڻ ناهي. خيرپور جي مکي لال چند چيو ته جبري مذهب جي تبديلي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نياڻين کي مذهبي تعليم ڏيارڻ سان گڏ وقت تي اُنهن جي شادي ڪرائڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ڪنڌڪوٽ واسي مرلي ڌر چيو ته هڪ ڪميٽي ٺاهي هڪ يا ٻن ايجنڊا تي ڪم ڪري اُن کي عمل جامو پارايو وڃي. ڏهرڪي جي مکي انيل ڪمار چيو ته اهڙا پروگرام به ٿيا پر عمل ناهي ٿيندو، هندو ڪائونسل به سياست جي ور چڙهي وئي، لڳي پيو ته هي پروگرام به سياست جي ور چڙهي ويندو. گهوٽڪيءَ جي مکي سچانند چيو ته سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ ڌرمي تعليم کي يقيني بڻايو وڃي. ڪرمپور جي نانڪ رام چيو ته سنڌ هندو پنچائت جو قيام بهتر عمل آهي، اِن لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن کي به موقعو ملڻ گهرجي. نوابشاهه مان راجيش ڪمار چيو ته اسيمبلي ميمبر مقامي ناهن، مطالبو آهي ته اسيمبلي ميمبر مقامي آندا وڃن. ڊاڪٽر مهر چند چيو ته اسان هندن ۾ اتفاق نه آهي. ڪاروبار تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ٿا، مصلحت پسند آهيون. مذاحمت ناهيون ڪندا. اسان کي خوف آهي ته هن تنظيم جو عهددار پ پ جو ايم پي اي ٿي ويندو. اسان وري اُتي ئي هونداسين. جئين هندو ڪائونسل ۾ ٿيو. ڪنڌڪوٽ جي مکي سريش ڪمار تلريجا چيو ته جبري مذهب جي تبديليءَ جي خلاف گڏيل ڪوششن سان قانوني سطح تي پاس ٿيل بل تي عمل عمل ڪرايو وڃي. اغوا، ڦر، ڌاڙن، قتل و غارت، چوري، ڀتي جي پرچين خلاف مضبوط ۽ منظم طريقي سان آواز بلند ڪيو وڃي.
اسان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪجهه ناهن ڪندا: ڊاڪٽر هري لال
سکر: پنوعاقل جي ڊاڪٽر هري لال چيو ته اسان جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ڪجهه ناهن ڪندا، اسان به پنهنجي ڪاروبار کي ته ٽائيم ڏيندا آهيون پر برادريءَ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڳو تحرڪ ناهيون وٺندا. شهرن ۾ گروپنگ کي ختم ڪري متحد ٿيڻ گهرجي. رتوديرو جي سنيل ڪمار چيو ته اسان سڀ ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهيون، ڇا اسين پنهنجي پارٽيءَ جي خلاف ڳالهائينداسين يا احتجاج ڪري سگهنداسين. اسان جا ٻار ڪنورٽ ٿين پيا، ان جو سبب هندو ڌرم جي ڄاڻ ناهي. ٻارن ۾ هندو ڌرم جي ڄاڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا وڃن. سنڌ هندو پنچائت جي منشور ۾ شامل ڪيو وڃي ته سياسي پارٽيءَ جو ڪو به عهديدار هن تنظيم جو عهديدار نه ٿيندو. جيڪب آباد جي مکي لال چند چيو ته امن امان جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪيو ويو آهي، نياڻي پريا ڪماري ورهين کان اغوا ٿيل آهي، پر ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، افسوس جو پريا ڪماريءَ کي وساريو ويو آهي. حق لاءِ وڙهو، قرباني ڏيو ڀلي ماريا وڃو، اسان جا ٻار محفوظ ناهن، اسان کي حق وٺڻ لاءِ دليريءَ سان زنده رهڻ گهرجي. بزدليءَ سان جيئڻ کان موت بهتر آهي. لاڙڪاڻو جي هريش ڪمار چيو ته هندو برادريءَ جي حقن لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ذميواريءَ سان هندو برادريءَ کي درپيش مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏ حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ ضروري آهن. بدامنيءَ، لاقانونيت ۽ پريا ڪماريءَ جي واپسي هن وقت سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي. اِن متعلق ٻئين ميٽنگ لاڙڪاڻو ۾ ڪوٺائي وڃي. خيرپور جي مکي لال چند چيو ته جبري مذهب جي تبديلي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نياڻين کي مذهبي تعليم ڏيارڻ سان گڏ وقت تي اُنهن جي شادي ڪرائڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ڪنڌڪوٽ واسي مرلي ڌر چيو ته هڪ ڪميٽي ٺاهي هڪ يا ٻن ايجنڊا تي ڪم ڪري اُن کي عمل جامو پارايو وڃي. ڏهرڪي جي مکي انيل ڪمار چيو ته اهڙا پروگرام ا به ٿيا پر عمل ناهي ٿيندو، هندو ڪائونسل به سياست جي ور چڙهي وئي، لڳي پيو ته هي پروگرام به سياست جي ور چڙهي ويندو. گهوٽڪيءَ جي مکي سچانند چيو ته سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ ڌرمي تعليم کي يقيني بڻايو وڃي. ڪرمپور جي نانڪ رام چيو ته سنڌ هندو پنچائت جو قيام بهتر عمل آهي، اِن لاءِ ڪردار ادا ڪندڙن کي به موقعو ملڻ گهرجي. سکر جي ڊاڪٽر دوارڪا داس ڳالهائيندي چيو ته باگڙي، ڀيل، سوچي سميت سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، پر اسان الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل آهيون. روهڙيءَ جي مکي وڪي ڪمار چيو ته صرف ڳالهيون نه پر عمل به ڪيو وڃي، مان پهريان مکي آهيان پوءِ پ پ جو ميمبر آهيان. اسان کي سڀ کان پهريان برادريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار چيو ته سنڌ لطيف ۽ ڪنور جي ڌرتي آهي، پيار محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، هٿ وٺي بدامنيءَ جي باهه ٻاري وئي آهي. پارليمينٽ ۾ ويٺل اسان لاءِ ڪجهه به نه ڪندا اسان کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو. نوابشاهه مان راجيش ڪمار چيو ته اسيمبلي ميمبر مقامي ناهن، مطالبو آهي ته اسيمبلي ميمبر مقامي آندا وڃن. ڊاڪٽر مهر چند چيو ته اسان هندن ۾ اتفاق نه آهي. ڪاروبار تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ٿا، مصلحت پسند آهيون. مذاحمت ناهيون ڪندا. اسان کي خوف آهي ته هن تنظيم جو عهددار پ پ جو ايم پي اي ٿي ويندو. اسان وري اُتي ئي هونداسين. جئين هندو ڪائونسل ۾ ٿيو. ڪنڌڪوٽ جي مکي سريش ڪمار تلريجا چيو ته جبري مذهبيءَ جي تبديليءَ جي خلاف گڏيل ڪوششن سان قانوني سطح تي پاس ٿيل بل تي عمل عمل ڪرايو وڃي. اغوا، ڦر، ڌاڙن، قتل و غارت، چوري، ڀتي جي پرچين خلاف مضبوط ۽ منظم طريقي سان آواز بلند ڪيو وڃي.
پريا ڪماريءَ جي پيءُ پاران ٻانهون ٻڌي نياڻيءَ جي بازيابيءَ جو مطالبو
سکر: گڏجاڻيءَ ۾ پرياءَ ڪماريءَ جو بيوس ۽ لاچار پيءٌ پنهنجي نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ جهولي جهلي، ٻانهون ٻڌي نياڻيءَ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪندو رهيو. پريا ڪماريءَ جي والد راجڪمار پنچائتن جي اڳواڻن کي هٿ ٻڌي، واسطا ڏيندي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته منهنجي نياڻيءَ جي بازيابي لاءِ تحرڪ وٺو، پريا ڪماريءَ جي واپسيءَ لاءِ مدد ڪئي وڃي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي راجڪمار چيو ته تازو ئي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر اويس قادر شاهه سان ملاقات ڪئي آهي، اِن کان اڳ سکر جي سمورن چونڊيل نمائندن سان به ملاقات ڪئي آهي جن به خاطري ڪرائي آهي پر عملي طور تي نياڻي بازياب نٿي ڪرائي وڃي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڌاڙيل فريد ميراڻي فون ذريعي هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو. مون کيس چيو مون کي پهريان پريا ڪماريءَ جي وڊيو يا تصويرون اماڻيو، پر هن ائين نه ڪيو. مون ڊي آءِ جي سکر کي آگاهي ڏني آهي. مختلف وقتن تي ڀنگ لاءِ ايندڙ ڪالز وارو نمبر مسلسل کليل آهي. هاڻي پوليس جو ڪم آهي ته اُن جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس مان مڪمل طور تي مايوس ٿي ويو آهيان. آسرا، دلاسا ڏئي اميد ظاهرڪئي وئي پر ڪو نتيجو نه ڏنو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language