welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گلگت: درياءَ ۾ ٻڏندڙ شخص کي بچائڻ جي ڪوشش دوران 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت

گلگت:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي علائقي ڳوٺ باتون ۾ درياءَ ۾ ٻڏندڙ شخص کي بچائڻ جي ڪوشش دوران 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو. گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب ض:عي غذر جي ڳوٺ باتون ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا هڪ ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ غدر درياءَ جي ڇولين ۾ لڙهي ويا. ترجمان موجب خاندان جي هڪ ماڻهو درياءَ ۾ ٽپو ڏنو انهي کي بچائڻ جي لاءِ خاندان جي ٻين 3 ڄڻن هڪ ٻئي جي پٺيان درياءَ ۾ ٽپو ڏنو جن مان هڪ ڄڻي کي زنده بچايو ويو. جڏهن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون ٻڏي گم ٿي ويا آهن. فيض الله فراق وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان انهي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر غذر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ۽ ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا بروڪار آڻين ۽ سرچ آپريشن کي تيز ڪن. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته عبدالصمد درياءَ ۾ ڪري پيو جنهن کي بچائڻ جي لاءِ شاهه حسين نالي شخص درياءَ ۾ ٽپو ڏنو جنهن تي انهي کي بچائڻ جي لاءِ شاهه حسين جي ڌيءَ ۽ پوٽي به درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، شاهه حسين ان جي ڌيءَ ۽ پوٽي جا لاش ريسڪيو جي اهلڪارن ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. مقامي ماڻهن موجب درياءَ ۾ ڪري ويل شخص کي بيهوشي جي حالت ۾ درياءَ مان ڪڍيو ويو ريسڪيو موجب واقعي ۾ 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته هڪ شخص کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو. مقامي شخص محمد يعقوب موجب پهريان جنهن شخص درياءَ ۾ ٽپو ڏنو هو انهي جي ذهني حالت ڪافي وقت کان صحيح نه هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے