
اسلام آباد:(ڇنڇر 02 آگسٽ 2025ع)مملڪتي وزير طلال چوڌري جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي ٻارن جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان رد عمل سامهون اچي ويو آهي.
طلال چوڌري عليمه خان جي سليمان خان ۽ قاسم خان طرفان پاڪستان جي ويزا لاءِ بيان تي رد عمل ڏيندي سوال ڪيو ته اوهان انهي کان اڳ چيو هو ته ٻارن وٽ نائيڪوپ(قومي سڃاڻپ ڪارڊ پرڏيهي پاڪستاني) موجود آهي، جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ انهن کي پاڪستان اچڻ جي لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انهن کي ويزا جي ضرورت آهي ته انهي جو مطلب اهو آهي ته هو پاڪستاني شهريت نٿا رکن ته انهي معاملي جي پٺيان آخر اصل حقيقت ڪهڙي آهي؟
هوڏانهن عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سليمان ۽ قاسم لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ ويزا جي لاءِ درخواست ڏني. سفير ٻڌايو ته هو اسلام آباد ۾ گهرو وزارت جي منظوري جي اوسيئڙي ۾ آهي.
ياد رهي ته عمران خان جي پٽن 28 ورهين جي سليمان خان ۽ 26 ورهين جي قاسم خان پهريون ڀيرو مئي ۾ پنهنجي والد جي قيد تي عوامي طور تي ڌيان ڏيارڻ جي لاءِ آواز اٿاريو هو. گذريل مهيني عليمه خان چيو هو ته عمران خان جي آزادي واري مهم جي تحت ٻئي پٽ آمريڪا ويندا ۽ پوءِ پاڪستان ايندا، ٻئي ڀائر آمريڪا ويا ۽ اتي آمريڪي قانون سازن سان پنهنجي والد جي قيد جي معاملي تي ملاقاتون ڪيون.
عمران خان آگسٽ 2023 کان قيد ۾ آهي ۽ هن وقت اڊيالا جيله ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي انهي تي 9 مئي 2023 جي احتجاج بابت دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ جي تحت ٻيا ڪيسز به ٻڌڻي هيٺ آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language