
ڪراچي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ وٽ ملڪ کي توانائي جي بحران کان ڪڍڻ جي لاءِ وڏا وسيلا موجود آهن، وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب صوبي جي توانائي واري شعبي جي ترقي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ کي انهي جي وسيلن موجب اختيار ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ته توانائي جي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسٽيڪ هولڊرز، ماهرن ۽ پاليسي ٺاهيندڙ صوبي جي وڏي مقدار ۾ توانائي جي ذخيرن ۽ پائيدار توانائي جي حل تي کلي ڳالهيون ڪن.
هن چيو ته گذريل 6 سالن جي دوران ٿر ڪول منصوبي جي تحت 30 ملين ٽن ڪوئلو مختلف آءِ پي پيز کي فراهم ڪيو ويو، ٿر جي ڪوئلي ۾ ايتري صلاحيت آهي جو هو ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن تائين پاڪستان جي بجلي جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪاوشن سان 105 ڪلو ميٽر ڊگهي ريلوي لائن تعمير ڪئي پئي وڃي، اها ريلوي لائن ٿر ڪول کي قومي عالمي منڊين سان جوڙي ڇڏيندي، سنڌ جو ونڊ ڪوريڊور فعال آهي، ڪيترائي سولر انرجي منصوبا به تعمير هيٺ آهن. نوري آباد پاور پروجيڪٽ هن وقت ڪراچي کي هڪ سو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي سولر ۽ ونڊ پاور منصوبن جي مخالفت بند ڪري صوبي ۾ غيرقانوني تعميرات ۽ حدخلين جي خلاف بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪارروائي جاري آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته نئين نمبر پليٽ اسڪيم تي بي بنياد پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language