welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سانوڻي جي برسات: سموري ملڪ ۾ 49 ٻارن سميت 104 شهري فوت، 413 گهر تباهه ٿيا

ڪراچي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)سانوڻي برسات جي دوران 26 جون کان 12 جولاءِ تائين سموري ملڪ ۾ 49 ٻارن سميت 104 شهري فوت ۽ 200 زخمي ٿيا، هينئر تائين 413 گهر تباهه ٿيا، جڏهن ته 111 جانور به مري ويا آهن. رپورٽ موجب نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب سانوڻي برسات سبب گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران 6 وڌيڪ فوت ٿي ويا. اين ڊي ايم اي تازي سانوڻي برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي، مالي ۽ جاني نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هينئر تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 104 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ 449 ٻار، 37 مرد ۽ 18 عورتون شامل آهن. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب هينئر تائين 200 ڄڻا مختلف واقعن ۾ زخمي به ٿيا آهن. زخمي ٿيلن ۾ 78 مرد، 76 ٻار ۽ 46 عورتون شامل آهن. اين ڊي ايم اي موجب گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران سانوڻي برسات سبب 6 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 15 ڄڻا زخمي به ٿيا. رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن ۾ هينئر تائين بلوچستان ۾ 3، پنجاب ۾ 2 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هڪ شهري فوت ٿيو. بلوچستان ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻار به شامل آهن. رپورٽ موجب هينئر تائين 413 گهر تباهه ٿيا ۽ 111 جانور به مري ويا آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته سڀني کان وڌيڪ جاني نقصان فليش فلڊنگ سبب ٿيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے