اسلام آباد:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)نئين سولر پاليسي ۾ بجلي جي واپسي جي شرح مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا جلد وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.
نئين سولر پاليسي تحت، سولر پينلز تي نيٽ ميٽرنگ ختم ڪئي ويندي ۽ گراس ميٽرنگ لاڳو ڪئي ويندي، نيٽ ميٽرنگ تي 103 ارب رپيا خرچ آيو آهي.
بجلي جي واپسي جي شرح 11.33 رپيا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته، پراڻا شمسي صارف 27 رپين تي بجلي وڪرو ڪندا رهندا. مستقبل ۾ بجلي جي شرح ڪهڙي به هجي، واپسي جي شرح ان جو ٽيون حصو هوندي.
پاور ڊويزن موجب، هدف 8500 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ آڻڻ آهي، نيپرا جي منظوري کان پوءِ نئين پاليسي ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي.
ياد رکڻ گهرجي ته اڳ ۾ اها خبر پئي هئي ته سيڙپڪارن نيٽ ميٽرنگ جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي کي رد ڪري ڇڏيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language