welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي آبي جارحيت خلاف مضبوط حڪمت عملي لاءِ خصوصي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)ڀارتي آبي جارحيت جي خلاف هڪ مضبوط حڪمت عملي جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته پلاننگ ڪميشن جي سربراهي ۾ انجنيئرز تي بڌل خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي. انجنيئرز جي وفد سان ملاقات ۾ احسن اقبال انجنيئرز جي لاءِ لاهور ۾ قائم انجنيئرز لائونچ جو افتتاح ڪيو. انهي موقعي تي احسن اقبال چيو ته ڪميٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرز پاڪستان(آءِ اي پي)، پاڪستان انجنيئرنگ ڪانگريس، پاڪستان انجنيئرنگ ڪونسل(پي اي سي) ۽ دي انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل اينڊ اليڪٽرانڪس انجنيئرز آف پاڪستان(آئي اي اي اي اي پي) ۽ ٻيا نمائندا شامل هوندا. وفاقي وزير چيو ته فيڊريشن آف انجنيئرنگ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان به جوڙي ويندي، جڏهن ته سمورن صوبن جي مشاورت سان ڀارتي آبي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاليسي جوڙينداسين. هن چيو ته چئني صوبن جي انجنيئرز تي ٻڌل ڪميٽي ٽيڪنيڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون ڏيندي، صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيڪنيڪي مسئلن کي سياسي بنيادن تي نه ٽيڪنيڪي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. سيڪريٽري جنرل آءِ اي پي انجنيئر امير ضمير خان چيو ته سياستدانن کي صوبائي جهيڙن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، سمورن انجنيئرز، باڊيز پلاننگ ڪميشن جي ڇت هيٺيان ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے