سانگھڙ:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)سانگهڙ ڀرسان چڪ 24 نوابشاه روڊ وٽ تيز رفتار فٽا باڊي رڪشه ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه ڀائر موقعي تي فوت ٿي ويا آهن.
حادثي جي اطلاع تي سنجهورو پوليس پهڇي ٻن فوتين جا مڙه ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال سانگهڙ آندا ويا جتي ٻنهي فوتين جي سڃاڻپ حضور بخش بروهي ۽ سندس ڀاء غلام رسول بروهي طور ٿي آهي جن جو تعلق نوابشاه سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي مرغين جو واپار ڪندا آهين جيڪي واپار جي خريداري لاء اچيا رهيا ته حادثو کين حادثو پيش آيو آهي
پوليس پاران فوتين جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو اسپتال مان ٻن سڳن ڀائرن جا مڙه ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا اطلاع تي فوتين جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته پوليس ڦٽا باڊي رڪشه کي پنهجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language