رائونتي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)اوٻاوڙو ڀسان رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ 3 عورتون واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون آهن.
رائونتي جي ڪچي واري ڳوٺ عمر شر ۾ واهه ڪراس ڪندي ٽن عورتن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، فوت ٿيندڙ ٽئي عورتون شر برادري سان تعلق رکن ٿيون
واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيندڙن ۾ 30 ورهين جي اشرفه، 15 ورهين جي راڻي شر ۽ سوني شر شامل آهن، علائقي واسين ٽنهي فوت ٿيل عورتن جا لاش واهه مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عورتون زرعي زمين ڏانهن وڃي رهيون هيون ته اوچتو پاڻي جو وهڪرو تيز هجڻ سبب واهه ۾ ٻڏي ويون.آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language