ڪراچي:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ سرڪار 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ھارين ۽ آبادگارن لاءِ امدادي فنڊز ۾ 7ارب رپين جي واڌ ڪئي آھي، انهي پيڪيج ۾ فصلن کي پيل نقصان جو معاوضو، ٻج جي فراھمي، ۽ متاثر ٿيل زمينن جي بحالي لاءِ مالي مدد شامل آھي. ھن چيو تھ سنڌ ڪابينا سکر ۽ حيدر آباد ۾ نوان صنعتي زون قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي، حيدرآباد زون لاءِ 951 ايڪڙ ايراضي سنڌ اڪنامڪ زون مينيجمينٽ ڪمپني کي منتقل ڪئي ويندي، انهي رٿا سان صوبي ۾ روزگار جا 55 ھزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا، ھن چيو تھ ڪابينا سنڌ بينڪ سان مفاھمي يادداشت نامي جي به منظوري ڏني آھي ته جيئن بينظير ھاري ڪارڊ کي جلد کان جلد فعال بڻائي سگھجي، هن چيو ته هاري ڪارڊ لاءِ ھن وقت تائين 2 لک 37 ھزار کان وڌيڪ ھاري رجسٽرڊ ٿي چُڪا آھن، جڏھن تھ 88 ھزار 871 درخواستن جي تصديق مڪمل ٿي چُڪي آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language