لاھور:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ هڪ دفعو ٻيهر قيام جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي گورنر هائوس ۾ رهائش جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي لاءِ رهائشي ضرورتن موجب سهولتون ڏنيون ويون آهن انهي سان گڏوگڏ صدر جي سيڪيورٽي ۽ ٻين ماڻهن جي رهائش جو به بندوبست ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري گورنر هائوس ۾ ڪجهه ڏينهن قيام ڪندو، انهي سلسلي ۾ هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گورنر هائوس لاهور پهچندو جتي قيام جي دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سميت ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتن جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ قيام دوران صدر آصف زرداري ملڪي صورتحال، پنجاب ۾ پارٽي جي پوزيشن سميت ٻين معاملن تي اڳواڻن سان مشاورت ڪندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري گورنر هائوس ۾ قيام کان پوءِ واپس ويندي ملازمن ۾ روڪ رقم به ورهائي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language