welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو، موسميات کاتي وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح جي وقت هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. تفصيل موجب شاهراهه فيصل، پي اي سي سي ايڇ سوسائٽي، محمد علي سوسائٽي، سنڌي مسلم سوسائٽي، ايڊمنسٽريشن سوسائٽي، محمود آباد، منظور ڪالوني، صدر، مزار قائد، لياري، ڪلفٽن ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئي. سانوڻي جون ڪمزور هوائون صوبي جي ڏاکڻي علائقن ۾ مسلسل داخل ٿي رهيون آهن. ڪراچي ۾ اڄ وڌيڪ جهڙالي موسم سان هلڪي برسات جو امڪان آهي، اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ ڏاکڻي طرف کان 11 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 70 کان 85 سيڪڙو جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي ٻن ڏينهن تائين هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ 3 ڏينهن جي دوران ڪراچي جو وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي تائين رهجي سگهي ٿو. اڄ ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڄامشورو، حيدرآباد، ٽنڊومحمدخان جي ضلعن ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا بادي جو امڪان آهي. سڀاڻي قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ دادو جي ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. صوبي جي ٻين حصن ۾ موسم جهڙالو گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے