welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا شهيد

چمن:(آچر 18 مئي 2025ع)بلوچستان جي علائقي چمن جي گلستان ۾ هڪ مارڪيٽ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا آهن. چمن جي نمائندي موجب، گلستان واري علائقي ۾ فوڊ پوائنٽ جي ويجهو ڌماڪو ٿيو. اهو هڪ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو هو ۽ ڌماڪيدار مواد هڪ موٽرسائيڪل ۾ لڪايو ويو هو. ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي، جاچ ۽ بچاءُ وارا ادارا حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 شهري شهيد ۽ 8 زخمي ٿيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف سيڪيورٽي ۽ جاچ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے