welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)پي پي پي جي سينئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي 78 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان جي خاندان موجب، عبدالستار بچاڻي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ضيا لنجار، ذوالفقار شاهه، نثار کهڙو ۽ وقار مهدي سينئر پي پي پي اڳواڻ عبدالستار بچاڻي جي وفات تي خاندان سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ مرحوم عبدالستار بچاڻي کي هڪ اصول پسند، ملنسار ۽ عوام دوست شخصيت قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پنهنجي زندگي عوام جي خدمت ۽ جمهوريت جي فروغ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت ۽ عوام لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته هو غم جي هن گھڙي ۾ مرحوم عبدالستار بچاڻي جي خاندان سان گڏ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے