welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پکي مسلسل 11 ڏينهن پرواز ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

الاسڪا: (اربع 04 جنوري 2023ع) چار مهينن جي پکي ”گاڊ وِٽ“ مسلسل 11 ڏينهن اڏام ڪري گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. گنر ورلڊ رڪارڊ جي عملدارن موجب هن پکي مسلسل 11 ڏينهن تائين 8 هزار 425 ميل پنڌ ڪري آمريڪي رياست الاسڪا کان آسٽريلوي رياست تسمانيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو جيڪو ڪنهن به پکيءَ جي سڀ کان ڊگهي نان اسٽاپ لڏپلاڻ آهي. رپورٽن مطابق، يو ايس جيولوجيڪل سروي ۽ وائلڊ لائف سروس جي هڪ ٽيم هن پکيء جي نسل جي پهرين لڏپلاڻ جي تحقيق ڪرڻ لاء تجربو ڪيو. تجربي ۾ شامل ٽيم موجب پکيءَ کي 5G سيٽلائيٽ ٽيگ لڳايو ويو هو ته جيئن ان جي جڳهه ۽ فاصلي کي ٽريڪ ڪري سگهجي، جنهن جي مدد سان پکيءَ کي ٽريڪ ڪيو ويو. هي پکي 13 آڪٽوبر 2022 تي الاسڪا کان روانو ٿيو ۽ 11 ڏينهن ۾ 8425 ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ 14 آڪٽوبر تي آسٽريليا پهتو. گينيس ورلڊ رڪارڊ جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته اهو رڪارڊ ان کان اڳ ساڳئي نسل جي هڪ پکي 2020 ۾ قائم ڪيو هو، جنهن 8 هزار 200 ميلن جو سفر ڪيو هو. آسٽريليا جي جهنگلي جيوت جي عملدارن موجب، پکيءَ ٻڌايو ته هن ڊگهي لڏپلاڻ دوران پنهنجو اڌ وزن وڃائي ڇڏيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے