welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دهشتگردن هٿان مارجي ويل آءِ ايس آءِ ڊائريڪٽر سي ٽي ڊي ونگ نويد صادق ڪير هو؟

خانيوال : (اربع 04 جنوري 2023ع) خانيوال ويجهو دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ونگ نويد صادق ۽ انسپيڪٽر ناصر حسين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. نويد صادق ۽ انسپيڪٽر ناصر عباس شهيد جي جنازي نماز ملتان، خانيوال ۽ لاهور ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم، سول ۽ ٻين فوجي عملدارن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. ڊي جي آءِ ايس آءِ شهيدن جي جنازين تي پڻ سهڪار ڪيو. آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر نويد صادق ڪير شهيد ٿيو؟ آءِ ايس آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جي ڊائريڪٽر نويد صادق کي 23 مارچ 2021 تي ملڪ دشمن عنصرن خلاف بهادري ۽ جرئت جو اعتراف ڪندي ستاره شجاعت سان نوازيو ويو. نويد صادق ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جو ڊائريڪٽر هو، هن 2002ع ۾ پوليس فورس ۾ سب انسپيڪٽر طور شموليت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪيو ۽ 2009ع ۾ آءِ ايس آءِ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن پنهنجي دور ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اهم نيٽ ورڪن کي بي نقاب ڪيو، ڪيترن مهينن جي ڪوششن کانپوءِ داعش جي ٽاپ ڪمانڊ تائين پهچ حاصل ڪيو ۽ فيصل آباد ۾ انهن جي ڳجهن هنڌن تي چڙهائي ڪري انهن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. اهڙي طرح هن گوجرانوالا ۾ خودڪش بمبارن جو مقابلو ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي اغوا ٿيل پٽ علي حيدر گيلاني کي اغوا ڪندڙ نيٽ ورڪ کي ٽريڪ ڪرڻ جو به ڪريڊٽ کيس ڏنو ويو. ان کان علاوه هن پابندي مڙهيل تنظيم جو نيٽ ورڪ به ٽوڙيو جنهن پنهنجي يونٽ جي ٻن آفيسرن انسپيڪٽر عمر مبين جيلاني ۽ سب انسپيڪٽر ياسر کي شهيد ڪيو، سندس زال به اينٽي ٽيررازم ونگ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن نويد صادق کي خانيوال ۾ دهشتگردن نشانو بڻايو ته هو افغانستان مان هلندڙ غير قانوني تنظيم جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ جي مشن تي هو ته جوابدار عمر خان کيس نشانو بڻايو ۽ سندس ساٿي آفيسر ناصر عباس شهيد ٿي ويو. ٻئي طرف تنظيمي نيٽ ورڪ ذريعي ڊائريڪٽر نويد صادق ۽ انسپيڪٽر ناصر حسين جي شهادت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ٻن ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ جوابدار عمر نيازي سي ٽي ڊي جي واچ لسٽ ۾ شامل آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن فائرنگ جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار نويد صادق ۽ انسپيڪٽر ناصر حسين شهيد ٿي ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے