welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڪيلي هاٿي جي 14 شينهن سان دل ڏاريندڙ ويڙهه (ويڊيو وائرل)

انڊيا: اڱارو 30 آگسٽ 2022ع : جيتوڻيڪ هاٿي شينهن لاءِ پسنديده پسند نه هوندا آهن، هڪ هاٿي 14 شينهن جي وچ ۾ ڦاسي وڃي ٿو ۽ انهن جي وچ ۾ سخت ويڙھ ٿئي ٿي. ڀارتي ٻيلي آفيسر سوسانتا نندا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ اڪيلو هاٿي 14 شينھن سان پنهنجي زندگي لاءِ دل ڌڙڪندڙ ويڙھ وڙهي رهيو آهي. اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي، شينهن ڪافي دير تائين هاٿي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر هاٿي مزاحمت ڪئي ۽ پاڻ کي پنهنجو شڪار ٿيڻ نه ڏنو. وڊيو ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڪيئن هاٿي پاڻ کي شينهن جي شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ھانءُ ڏاريندڙ ويڙه وڙهندي نمبر ون دشمن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته شينھن واحد شڪاري آهي جيڪو هاٿي کي مارڻ جي طاقت رکي ٿو، هاٿي هڪ وڏو جانور آهي جنهن جو گوشت تمام گهڻو هوندو آهي ان ڪري جيڪڏهن شينھن هڪ شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته ڪيترن ڏينهن تائين شڪار نه ڪرڻو پوندو. چون ٿا ته هاٿيءَ جو شڪار شينھن لاءِ سولو ڪم نه آهي، ۽ شينھن پنهنجي غرور لاءِ شڪار ڪنديون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے