دبئي:(جمعو 27 جون 2025ع)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ پاور پلي قانون ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي نئين قاعدي ۾ في اوور پاور پلي اوور مقرر ڪيا آهن ۽ نئون پاور پلي قاعدو جولاءِ کان لاڳو ڪيو ويندو.
نئين قانون موجب، 20 اوور کان گهٽ جي راند ۾، پاور پلي اوور جي وچ ۾ شروع يا ختم ٿي سگهي ٿو.
پاور پلي مڪمل 20 اوور واري اننگز ۾ 6 اوور تي مشتمل هوندو. پاور پلي کي اننگز جي شيڊول اوور جي 30 سيڪڙو جي ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
8 اوور واري اننگز ۾ پاور پلي 2.2 اوور تي مشتمل هوندو، جڏهن ته 5 اوور واري اننگز ۾ پاور پلي 1.3 اوور تي مشتمل هوندو، جنهن دوران ٻه فيلڊر دائري کان ٻاهر رهندا.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي پاور پلي جي ضابطن ۾ تبديلين جي آخري منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language