welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يورپ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، اسپين، اٽلي ۽ فرانس ۾ 8 ماڻهو فوت

پئرس:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)يورپ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، اسپين، اٽلي ۽ فرانس ۾ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هيٽ اسٽروڪ سبب سوين ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، اسپين جي شهر ڪورڊوبا ۾ پارو 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي، ۽ ڏکڻ ۽ وچ فرانس ۾ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو آهي. سخت گرمي سبب فرانس ۾ 2,200 اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جرمني ۾ به 40 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ۽ پرتگال ۽ هالينڊ پڻ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے