welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آسٽريا: اسڪول ۾ فائرنگ، شاگردن ۽ استادن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا

آسٽريا:(اڱارو 10 جون 2025ع)هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ ۾ استادن ۽ شاگردن سميت نو ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، اهو واقعو ڏکڻ آسٽريا جي شهر گراز جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ پيش آيو، جتي هڪ نامعلوم شخص اسڪول ۾ فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ نو ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجهه سخت زخمي ٿيا، جن ۾ شاگرد ۽ استاد ٻئي شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، فائرنگ ڪندڙ هاءِ اسڪول جو شاگرد هو، جنهن اسڪول ۾ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ موقعي تي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي. پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اسڪول کي خطري کان ٻاهر قرار ڏنو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے