لاھور: (اربع 04 جنوري 2023ع) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته 25 کان 30 ميمبر پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ نه ڏيندا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته 10 کان 15 ڏينهن کانپوءِ پرويز الاهي وڏي وزير جي عهدي تي نظر نه ايندو.
ٻئي طرف ذريعن موجب تحريڪ انصاف کي پنجاب اسيمبلي ۾ پرويز الاهي کي 186 ووٽ ملڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ميمبرن جي پارٽي پاليسي خلاف وڃڻ جو خدشو آهي.
تحريڪ انصاف جي دعويٰ موجب هن وقت کين 187 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي ۽ جيڪڏهن ٻه ميمبر به غير حاضر رهيا ته پرويز الاهي بي اعتمادي جو ووٽ کٽيندو.
عمران خان 11 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، عثمان بوزدار، اسلم اقبال ۽ محمود الرشيد کي اهم ذميواريون سونپيون ويون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language