welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

افغانستان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ واري آمريڪي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

ڪابل: (خميس 05 جنوري 2023ع) افغانستان دهشتگرد حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو. افغان ميڊيا موجب افغانستان جي طالبان حڪومت جي نائب ترجمان بلال ڪريمي چيو آهي ته افغانستان جي سمورن علائقن تي دولت اسلاميه جو ڪنٽرول آهي. هن چيو ته افغانستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف ڪارروائي جا ثبوت ناهن مليا. واضح رهي ته واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو هو ته طالبان پنهنجا واعدا پورا نه ڪري رهيا آهن. آمريڪا افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيڻ جي واعدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے