welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

' ڪي اليڪٽرڪ جيڪو ڪري پيو،سمجهون پیا'، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ تي نوٽيس جاري

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ لائن لاسز جي بنياد تي بجلي لوڊشيڊنگ خلاف ڪي-اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال جماعت اسلامي جي 9 ٽائون چيئرمينن پاران لائن لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪي-اليڪٽرڪ پنهنجي لوڊشيڊنگ پاليسي جي برخلاف 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪري رهيو آهي، درخواستگذارن نيپرا کي شڪايت ڪئي آهي، پر شڪايت جو اڃا تائين فيصلو نه ٿيو آهي. ان تي جسٽس فيصل ڪمال ريمارڪس ڏنا ته لوڊشيڊنگ ڪيئن ٿي رهي آهي، اسان سڀ هتي رهون ٿا ۽ سمجهون ٿا، اسان سڀ سمجهون ٿا ته ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ ڇا ڪري رهي آهي، شهرين جي تڪليف سمجھ ۾ اچي ٿي، پر هي ڪيس آئيني بينچ ڏانهن وڃڻ گهرجي ها. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته باقاعده بينچ اڳ به اهڙا ڪيس ٻڌي چڪي آهي، اهي حڪم نه پر اعلان چاهين ٿا، نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف غير قانوني لوڊشيڊنگ تي ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. بعد ۾ عدالت ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ نيپرا جي ريجنل هيڊ کي به 25 جولاءِ تي طلب ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے