welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ قبر جي قيمت 14,300 رپيا مقرر، شهر جي سڀني قبرستانن کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي شهر جي سڀني قبرستانن کي رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت 200 کان وڌيڪ قبرستان آهن، پر صرف 38 قبرستان ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي وٽ رجسٽرڊ آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي شهر جي سڀني قبرستانن کي رجسٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته سڀني قبرستانن جي انچارج کي فوري طور تي رجسٽريشن ڪرائڻ گهرجي ۽ انتظاميه کي قبر لاءِ 14,300 رپين کان وڌيڪ فيس نه وٺڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے