اسلام آباد:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)اين ڊي ايم اي ايندڙ 12 ڪلاڪن لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ مينهن، هوائن ۽ طوفان جي الرٽ جاري ڪئي آهي.
اين ڊي ايم اي ترجمان موجب، اترين علائقن ۾ گرمي پد ۾ واڌ سبب هيٽ ويو جو خطرو وڌي ويو آهي، هنزه، شگر، گانچهي ۽ چترال جي دريائن جي ويجهو رهندڙن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا، جي بي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي ترجمان موجب، ميانوالي، خوشاب، فيصل آباد، اوڪاڙه، ساهيوال، ملتان، بهاولنگر ۾ متوقع تيز برسات جي ڪري شهري علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي.
بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ تيز هوائن سان تيز برسات جو امڪان آهي، شهري ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ، بجلي بند ٿيڻ ۽ روڊن تي ٽرئفڪ جي وهڪري متاثر ٿي سگهي ٿي.
اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته برساتن جي ڪري مقامي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو واڌ جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language