welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏهرڪي: نجي اسڪول جي شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي وارو معاملو، ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

ڏھرڪي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)نجي اسڪول جي شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي وارو معاملو، ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ميرپور ماٿيلو جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت، ڏهرڪي ۾ نجي اسڪول جي شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت پاران سزا ڏنل جوابدارن ۾ نجي اسڪول جو پرنسپال عبدالجبار شر ۽ استاد وسيم سومرو شامل آهن. جن 2019ع ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي انيسا ڀٽو سان اجتماعي زيادتي ڪئي هئي. ڪيس متاثر نينگري جي والد عبدالخالق ڀٽو جي فرياد تي ٿاڻي ڏهرڪي تي داخل ڪيو ويو هو. عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے