
ڍاڪا:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي ڌيءَ خلاف ڪرپشن جا الزام سامهون اچڻ کان پوءِ عالمي صحت تنظيم صائمه واجد کي ڊگهي موڪل تي موڪلي ڇڏيو آهي.
عالمي صحت تنظيم جي ڏکڻ اوڀر ايشيا لاءِ علائقائي ڊائريڪٽر صائمه واجد ذهني صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ادهانوم گبريسس هڪ اي ميل ۾ عملي کي صائمه واجد جي روانگي بابت آگاهي ڏني.
اي ميل ۾ شامل ڪيو ويو ته ڊاڪٽر ڪيٿرينا بوهم، جيڪا ڊبليو ايڇ او جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل آهي، هاڻي عارضي طور تي صائمه واجد جي جاءِ تي ڏکڻ اوڀر ايشيا لاءِ علائقائي آفيس جي سربراهي ڪندي.
هن سال جي شروعات ۾، بنگلاديش جي اينٽي ڪرپشن ڪميشن صائمه واجد خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ سندس تعليمي قابليت بابت سوال اٿاريا ويا هئا، جيڪي هن ڊبليو ايڇ او جي اعليٰ عهدي لاءِ پيش ڪيون هيون.
بنگلاديش اينٽي ڪرپشن ڪميشن اهو به الزام لڳايو ته صائمه پنهنجي ماءُ شيخ حسينه جي اثر رسوخ کي ڊبليو ايڇ او ۾ علائقائي سربراهه جي عهدي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو هو.
صائمه واجد دعويٰ ڪئي هئي ته هوءَ بنگابندھو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اعزازي عهدي تي فائز هئي، پر يونيورسٽي هن دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.
اهو به الزام لڳايو ويو ته صائمه واجد پنهنجي ماءُ جي دور ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۾ حصو ورتو، پنهنجي اختيارن ۽ رابطن جو غلط استعمال ڪندي مختلف بينڪن مان تقريبن 2.8 ملين آمريڪي ڊالر غير قانوني طور تي حاصل ڪيا، جيڪي بعد ۾ سچونا فائونڊيشن ذريعي منتقل ڪيا ويا، جنهن جي هوءَ ڪڏهن سربراهي ڪندي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language