welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مشهور ڪوريائي اداڪاره 31 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي

سيئول:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڏکڻ ڪوريا جي اداڪارا ڪانگ سيو-ها، 31 سالن جي، فوت ٿي وئي آهي. ڪورين ميڊيا موجب، اداڪارا جي موت جي تصديق هڪ ويجهي مائٽ سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ڪئي، جنهن ۾ اداڪارا جي زندگي جي آخري لمحن ۽ سندس قربانين جو ذڪر ڪيو ويو. رپورٽن موجب، اداڪارا ڪافي عرصي کان پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ هي بيماري سندس موت جو سبب بڻي. اداڪارا ڪانگ سيو-ها جي جنازي 16 جولاءِ تي ٿيندي ۽ کيس گيونگنام صوبي جي هامان ۾ سندس خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. مداحن ۽ شوبز انڊسٽري اداڪارا جي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. اداڪارا پنهنجي فني سفر جي شروعات 2012 ۾ ميوزڪ وڊيو 'گيٽنگ فادر اوي' سان ڪئي. هن 'هارٽ'، 'فرسٽ لو اگين' سميت ٻين مشهور ڪورين ڊرامن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري جا تجربا ڏيکاريا. سندس آخري فلم 'منگني' هئي، جيڪا سندس موت کان اڳ شوٽ ڪئي وئي هئي. اداڪارا هن فلم ۾ ان جي رليز کان پوءِ نظر ايندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے