ڪراچي:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضل سيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي اجرڪ فوبيا ٿي پئي آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي سميتا افضل چيو ته جيڪي ماڻهو سنڌ جي ثقافت تي آڱريون کڻن ٿا انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اجرڪ اسان جي سڃاڻپ آهي، ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي نفرت ۽ تعصب جي سياست کي ڇڏي سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي خدمت ڪرڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جن نمبر پليٽن تي اعتراض ڪيو پيو وڃي انهن جي مدد سان ڪنهن به گاڏي جي اصلي يا جعلي سڃاڻپ کي آساني سان سڃاڻڻ ممڪن ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language