welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو: جنسي زيادتي جو شڪار ذهني طور تي معذور ڇوڪري علاج دوران فوت

لاڙڪاڻو:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)لاڙڪاڻي ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل ذهني طور تي معذور ڇوڪري علاج دوران فوت ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار پوليس آپريشن دوران مارجي ويو. پوليس موجب، رتو ديرو علائقي ۾ گذريل ڏينهن هڪ 12 سالن جي ذهني طور تي معذور ڇوڪري تي ٽن ماڻهن جنسي زيادتي ڪئي. حملي جو شڪار ٿيل ڇوڪري اڄ صبح ٽراما سينٽر ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، جڏهن ته پوليس حملي ۾ ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران، مکيه جوابدار سندس ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايت تي فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے