welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب تيز برسات، هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو

حیدرآباد:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد شهر ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو آهي، تيز برسات سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي. حيدرآباد، ٽنڊو الله يار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، مٽياري ۽ هالا ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات پئي آهي. تيز برسات سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد شهر ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو آهي، الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ۽ پمپنگ اسٽيشن هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڦليلي ڪينال جي پاڻي جي سطح کي صفر تي آندو وڃي، بجلي نه هجڻ ڪري جنريٽر مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو. حيسڪو ترجمان موجب حيدرآباد علائقي ۾ 220 فيڊر ٽرپ ٿي ويا. موسميات کاتي موجب حيدرآباد شهر جي علائقن ۾ 53 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ تي 50 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. ٽنڊوالا يار ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برساتن سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے