welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چوٽياريون ۾ وري هٿياربندن جي آمد، ٻيهر ڇڪتاڻ، فائرنگ، ڏهڪاءُ، پوليس خاموش

چوٽياريون:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)چوٽياريون ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ، هٿياربندن جي آمد، فائرنگ، احتجاج، پوليس بي خبر، قاضي شمس الدين جي مداخلت تي ڌريون پٺتي هٽي ويون، چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال وري تيزي سان خراب ٿي وئي، جتي سياسي تڪرار، ذاتي دشمني ۽ زمين جي مالڪي تان پيدا ٿيل معاملي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، ڪالهه صبح سوير پ پ ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي ماڻهن جي اچ وڃ بعد ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جتي ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چوٽياريون وايا اڇڙوٿر روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ايم اين اي علاوالدين جا هٿياربند ماڻهو بنا ڪنهن اطلاع جي ٻيهر ڳوٺ ۾ داخل ٿيا، ساڳي وقت راڄڙ برادريءَ جي ماڻهن جي ملڪيت قرار ڏنل زمين تي انهن ماڻهن جي ويهارڻ جو معاملو به سامهون آيو، جنهن بعد راڄڙ برادريءَ جا ڪيترائي ماڻهو هٿيارن سان علائقي ۾ پهچي ويا ۽ علائقي ۾ ھٿيار بند ماڻھن جون وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ هوائِي فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ دهشت ڦهلجي وئي، جڏهن ته پوليس جون 11 کان وڌيڪ موبائيلون علائقي ۾ موجود هجڻ باوجود خاموش تماشائي بڻيل رهيون، ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس صرف ڏسڻ لاءِ آئي هئي، ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران ايم اين اي جي گاڏي لڳڻ سبب هڪ عورت زخمي ٿي پئي، مسلسل ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ ھلڻ کان پوءِ اڳوڻي ايم پي اي کپرو قاضي شمس الدين راڄڙ جي مداخلت بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو، ذريعن موجب جي ڊي اي اڳواڻ ۽ پ پ ايم اين اي علاولدين جوڻيجو جي چاچي محمد خان جوڻيجو پاران قاضي شمس الدين سان رابطو ڪري امن جي اپيل ڪئي وئي، قاضي شمس ٻنهي ڌرين سان رابطو ڪري انهن کي هٿيار واپس وٺڻ ۽ امن بحال ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو، جنهن بعد فائرنگ بند ٿي ۽ ڌريون واپس موٽي ويون. 3 قتلن جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مخالف هٿياربند وٺي پيا اچن: فدا جوڻيجو چوٽياريون: چوٽياريون سانحي جي اهم فريادي فدا حسين جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ٽي نوجوان شهيد ڪيا ويا، اڃا تائين انصاف ناهي مليو، هاڻ وري ساڳي ڌر هٿياربند وٺي اچي رهي آهي، جيئن اسان کي مجبور ڪري ته ڪيس تان هٿ کڻون، ٻئي طرف ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو ٽائيم نيوز طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين منهنجي خانداني ملڪيت آهي، جنهن کي آئون پاڻ آباد ڪرڻ آيو آھيان، جيڪڏهن ڪنهن وٽ مالڪي جا قانوني ڪاغذ آهن ته ميڊيا سامهون آڻي، الزام لڳائڻ سولو آهي، پر قانون جو رستو سڀني لاءِ کليل آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے