welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لياري واسڻ ڪنوار جي طبيعت ۾ سڌارو: جاچ پوليس تي بي اعتمادي

ڪراچي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي قديم وسندي لياري ۾ مڙس ھٿان وحشياڻي جنسي تشدد جو شڪار ڪنوار جي طبيعت ۾ سڌارو، وارثن پوليس جي جاچ تي عدم اعتماد ظاھر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ لياري جي 19 سالن جي ڪنوار شانتي تي شادي جي ٻي رات سندس مڙس اشوڪ وحشياڻو جنسي تشدد ڪيو هو، 25 ڏينهن کان زندگي ۽ موت سان جھيڙيندڙ ناري جي ٽن آپريشنز بعد طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو آھي. متاثر ڪنوار شانتي جو چوڻ آھي ته شادي جي ٻي رات جو سندس مڙس اشوڪ ويھڪ واري جاءِ تي تشدد ڪيو، جنهن سان ھو رتو رت رت ٿي وئي، ھاڻي ھو ساهراڻي گهر واپس وڃڻ نٿي چاھيان، ٻئي طرف ڪنوار جي ڀاءَ ۽ ڪيس جي فريادي سانئيو جو چوڻ هو ته سندس ڀيڻ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جوابدار اشوڪ جي گھر ڀاتين پاران سندس امڙ کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پوليس جوابدار کي مھمان جيان ترسايو آھي، واقعي واري رات گھر ۾ موجود ساھرن مان ڪنهن کان به پڇا ڳاڇا ناھي ڪئي وئي، اسان کي جاچ آفيسر تي اعتماد ناھي، ھن مطالبو ڪيو ته شانتي جي ساهرن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے