
ڪراچي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)سنڌ ۾ سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جي اُٿل پُٿل، راندين واري کاتي جو سيڪريٽري رٽائرڊ ٿي ويو، بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر اڄ 13 جولاءِ تي سروس جو مُدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويندو، زراعت کاتي جو سيڪريٽري به موڪل تي روانو، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري 20هين گريڊ جو عبدالعليم لاشاري پنهنجي سروس جو مُدو مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويو، جنهن بعد ثقافت کاتي جي ڊي جي منور مهيسر کي بدلي ڪري کيس راندين واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي صوبائي سروس جو 21هين گريڊ جو آفيسر ۽ بورڊ آف روينيو جو سينيئر آفيسر بقاالله انڙ اڄ 13 جولاءِ تي رٽائرڊ ٿيندو، رات دير سان پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 21هين گريڊ جي وفاقي سروس جي آفيسر خالد حيدر شاھه کي بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف زراعت کاتي جو سيڪريٽري سهيل قريشي موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، سندس جاءِ تي زراعت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد زمان کي سيڪريٽري زراعت مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته زراعت کاتي جو موڪل تي ويل سيڪريٽري سهيل قريشي کاتي ۾ واپس نه ايندو.
لياري، منگهو پير ۽ سکر جا اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ تبديل
ڪراچي: لياري، منگهو پير ۽ سکر جا اي سي تبديل، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته لياري جي اسسٽنٽ ڪمشنر شهريار کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي منگهوپير جي نديم اورنگزيب کي مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سکر جي لينڊ ايڪيوزيشن ڪليڪٽر اعجاز هاليپوٽو کي بدلي ڪري کيس اي سي منگھوپير مقرر ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language