welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد ۾ واپاري کان ڀتو طلب، ڌمڪيون، 2 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

جيڪب آباد:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)جيڪب آباد ۾ شهر جي ڪاروباري ماڻهن کان ڀتو طلب ڪرڻ جو انڪشاف، دڪاندار جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، وائيٽ ڪالر ڀتا خور سرگرم ٿي ويا، جيڪي شهر جي ڪاروباري ماڻهن جي نشاندهيءَ ڪرڻ کان پوءِ فون ڪال ذريعي ڀتو طلب ڪرڻ ۾ ملوث آهن سٽي ٿاڻي جي حد ميمڻ مسجد ڀرسان قائم هارڊ ويئر جي دڪان مالڪ حيدر علي سومرو کان اڻڄاتل جوابدارن ڀتو طلب ڪري ورتو آهي، پوليس اهڙي شڪايت کان پوءِ جاچ دوران ڀتو گهرندڙ جي الزام هيٺ عاطف سرڪي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن کان پوءِ سٽي ٿاڻي تي دڪاندار حيدر علي سومرو جي فرياد تي جوابدار عاطف سرڪي ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار فون ذريعي 30 لک جو ڀتو گهريو بعد ۾ ٻيهر ڪال ڪيو ويو جيڪو اٽينڊ نه ڪيو ته ٽن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن غوثيه مسجد وٽ اڳ وٺي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن ۾ هڪ جوابدار عاطف سرڪي کي سڃاتو ويو جنهن وٽ ڪلاشنڪوف هو جڏهن ته ٻن جوابدارن وٽ ٽي ٽي پسٽل هئي جنهن جا منهن کليل هئا فريادي موجب ته جوابدارن هڪ ڪروڙ ڏيڻ لاءِ چيو نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ ۽ ڀائيٽي کي جاني نقصان پهچائڻ جو ڌمڪي ڏئي فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس مک جوابدار عاطف سرڪي ۽ عبدالمالڪ عرف لالو سومرو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ٻنهي جوابدارن کان جاچ جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے