
گھوٽڪي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)گهوٽڪي ۾ هٿياربند جو مينهن جي واڙي تي حملو، چوپايو مال ڦر، ڀاڳين پاران هٿياربندن جو پيڇو ڪرڻ تي فائرنگ، هڪ ڀاڳيو قتل، هٿياربند هڪ ڄڻي کي اغواڪري گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش درياءَ وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو، ڪا به گرفتاري نه ٿي، خبر موجب گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڏيوري باءِ پاس ويجھو ڳوٺ سائين ڏنو گھوٽو ۾ گذريل رات دير سان 15 کان وڌيڪ اڻڄاتل ھٿياربندن عابد ڀٽو جي مينھن جي واڙي تي حملو ڪري واڙي ۾ موجود ماڻھن کي يرغمال بڻائي 18 مينھون ۽ چار موٽر سائيڪلون ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هيا ته ڀاڳين ۽ علائقي واسين پاران ھٿياربندن جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪچي واري علائقي درگاھ خير شاهه وٽ ھٿياربندن ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو عبدالحميد گھوٽو زخمي ٿي پيو، جنهن بعد هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هٿياربندن راڻو ڀٽو کي اغوا ڪري ڪچي جي علائقي سنڌو درياءَ وٽ گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻنهي ڄڻن جي لاشن کي گهوٽڪي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر آندا ويا ته روڄ راڙو مچي ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا، جڏھن ته گھوٽا ۽ ڀٽا برادري جا سوين ماڻھو هٿياربندن جي پيرن جي نشانن تي پٺيان روانا ٿي ويا، ڀٽا برادري جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته جاگيراڻي گينگ جي ھٿياربندن مال جي واڙي تان ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته اطلاع تي سوين ڳوٺاڻن پاران ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ويو ۽ ڏوھارين جا لنگھج جھليا ته ڏوھارين ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ ٿي، هوڏانهن قادرپور شهر سوڳ ۾ مڪمل طور بند ٿي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ کين اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ نه وري واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، ياد رهي ته گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي حد ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا آهن، هوڏانهن ڪچي جي ذريعن موجب پوليس اي پي چين کي ساڻ ڪري ڪچي جي علائقي ۾ داخل ٿي، جنهن بعد پوليس ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ٻهه ڊرون پڻ هنيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻه گهر سڙي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته پوليس ڪچي جي علائقي ۾ بند تي بيٺل آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language