
شاھپورچاڪر:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)شاھپورچاڪر شھر ۾ هٿياربندن جو حملو، دڪان تان سامان خريد ڪندڙن تي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب پيءُ پٽ مارجي ويا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، خبر موجب ڳوٺ علي دوست عمراڻي واسي پيءُ 55 سالن جو صوبو خان عمراڻي ۽ سندس 19سالن جو پٽ احمد خان عمراڻي الهيار بس اسٽاپ تان گهر جي سامان جي خريداري ڪري رهيا هيا ته موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ علي دوست عمراڻي واسي پيءُ پٽ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شاهپور چاڪر اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا، جن کي سرڪاري ايمبولينس نه هجڻ جي ڪري شاهپورچاڪر پوليس موبائيل ۾ نوابشاهه نيو ويو، جتي صوبو عمراڻي ۽ سندس پٽ احمد خان عمراڻي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، ذريعن موجب واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، پوليس مطابق واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ابتدائي معلومات موجب واقعو پارڻي تڪرار جو نتيجو آهي، وارثن پاران اهڙو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language