welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنجهوري ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، نوابشاهه واسي موٽرسائيڪل سوار 2 سڳا ڀائر فوت

سنجھورو:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)سنجهوري ويجهو مين نوابشاھ سانگهڙ روڊ تي 24 چڪ اسٽاپ وٽ خوفناڪ روڊ حادثو، نوابشاھ واسي موٽر سائيڪل سوار 2 سڳا ڀائر فوت، خبر موجب نوابشاھ سئي گيس ڀرسان ڳوٺ جانب خاصخيلي جا رهواسي ڪڪڙين جا واپاري 2 سڳا ڀائر حضور بخش بروهي ۽ غلام رسول بروهي سانگهڙ کان موٽرسائيڪل تي نوابشاھ وڃي رهيا هئا ته 24 چڪ اسٽاپ وٽ لوڊر رڪشا سان سندن ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ ٻئي ڀائر چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، سنجهورو پوليس مطابق حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻنهي ڀائرن حضور بخش بروهي ۽ غلام رسول بروهي جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڪڪڙين جي واپار سانگي اڪثر نوابشاھ مان سانگهڙ ايندا هئا، ڪالهه به واپار سانگي سانگهڙ آيل هئا، جتان واپسي تي 24 چڪ وٽ ساڻن حادثو پيش آيو، فوتي ڀائرن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻتي ڪهرام مچي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے