welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوٽڙيءَ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، وارهه واسي پورهيت بي درديءَ سان قتل، ڏهڪاءُ

ڪوٽڙي:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)ڪوٽڙيءَ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت قتل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي بروهي چونڪ ڀرسان محبوب ڪالونيءَ ۾ گذريل رات جو دير سان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن بيڪري هلائيندڙ پورهيت 40 ورهين جي عرفان علي گائنچو کي سندس گهر ڀرسان گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واردات بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن مقتول جو مڙھ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وارث مقتول جو مڙھ تدفين لاءِ وارھ ڀرسان اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. هوڏانهن مقتول پورهيت عرفان علي گائنچو جي پيءُ همٿ علي اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پٽ بيڪري بند ڪري گهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن چيو سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظالمن سندس پٽ کي بيگناھ قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن ايس ايس پي ڄامشورو سميت پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے