welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊي آدم لڳ سڱاوتي تان جهيڙو، پٽن کي بچائيندڙ پيرسن عورت لٺيون هڻي قتل

ٽنڊو آدم:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)ٽنڊو آدم ويجهو سڱاوتي تڪرار تان سئوٽن ۾ جهيڙو، پٽن کي بچائيندي پيرسن عورت مبينا طور قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي عرس ٻجورو ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻجورو برادري جي ٻن ڌرين عبدالغفور ٻجورو، عبدالرزاق ٻجورو ۽ سندس سئوٽن غلام محمد ٻجورو، صفدر ۽ احمد بخش ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پٽن کي بچائيندي پيرسن عورت 65 ورهين جي خاتون زال قادر بخش ٻجورو لٺيون لڳڻ سبب قتل وئي، عورت کي بيهوشي جي حالت ۾ خانگي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، مقتولا جي پٽن عبدالغفور ٻجورو ۽ عبدالرزاق ٻجورو دانهيندي الزام هنيو ته جوابدارن غلام محمد ٻجورو ۽ سندس پٽن صفدر ۽ احمد بخش سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي جن اسان تي حملو ڪيو ۽ والدهه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل۾ اچي سگهي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے