
شھدادپور:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)شهدادپور ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ ناري پراسرار گولي لڳڻ سبب مارجي وئي، ساهرن پاران آپگهات جو بيان،مائٽن پاران قتل قرار، مڙس گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ جمعو ڪلهوڙو ۾ 11 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ 25 ورهين جي ناري مسمات صوبيه زال امجد لاکو پرسرار گولي لڳڻ سبب مرڻينگ ٿي پئي، جنهن کي سِمس اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، اطلاع تي پوليس پهچي مڙھ تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مڙس امجد لاکو ٻڌايو ته گهر اندر ويٺل زال پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي،11 مهينا اڳ هنن پسند جي شادي ڪئي، ٻئي طرف ناري صوبيا جي وارثن واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو، مقتولا جي ڀاءُ محمد بخش هوت الزام هڻندي چيو ته ڀيڻ کي سندس مڙس امجد ۽ ڏير نجف لاکو پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، ڀيڻ تي ساهرا تشدد ڪندا هئا، هن ڪيترائي ڀيرا دانهن به ڏني پر ان باوجود جوابدار کيس ذهني اذيت ڏيندا رهيا ۽ فائر ڪري ڀيڻ جو خون ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته ايف آءِ آر درج ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ڊاڪٽرن موجب گولي سيني ۾ لڳي پار ٿي وئي، ٻئي طرف پوليس ڪاروائي ڪندي الزام هيٺ آيل مڙس امجد لاکو ۽ هڪ عورت کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعي جي گهڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language